جمعو مُلون

جمعو مُلون: جمعو، شاهه لطيفرح جي عقيدتمند ۽ خدمتگار طور مشهور هو، هيءُ اصل گوهري ڪڇ واري علائقي جو رهاڪو هو. جڏهن شاهه صاحب ڪڇ ڏانهن ويو هو ته اتان جي ملن عقيدت طور جمعي کي ڀٽائيءَ جي خدمت چاڪريءَ لاءِ حوالي ڪيو. هيءُ ان وقت ٻار هو، پر مرشد سان محبت سبب سنڌ هليو آيو ۽ سڄي عمر شاهه لطيف خدمت ڪندي گذاريائين. هن شاهه صاحب جي صحبت ۾ رهي فيض پرايو، اڳتي هلي مرشد جي اجازت سان جاتيءَ کان ڇهه ميل اتر ۾ رهائش اختيار ڪيائين. روحاني رمزن سان اوتارو سڀني لاءِ هر پل کليو پيو هوندو هو. نگر عام پيو هلندو هو، انهيءَ سخاوت جي ڪري عثمان غنيرضه جي نسبت سان غنياڻي به سڏبو هو. سندس سخاوت جي هاڪ هر هنڌ مشهور هئي. شاهه لطيف ايندي ويندي وٽس اچي ترسندو هو ۽ سندس آسودگي ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيندو هو. شاهه صاحب جي وفات کانپوءِ جمعو ملون ڀٽ شاهه تي حاضري ڀرڻ لاءِ ويندو هو. جنهن ڳوٺ ۾ رهيو اتي سندس رهائش واري جاءِ کي ’شاهه جو تڪيو‘ سڏيو ويو. ان ڳوٺ ۾ ئي وفات ڪيائين ۽ کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو